خواجه ذوالفقار

خواجه ذوالفقار

خواجه ذوالفقار

خواجه ذوالفقار: شاعر،اديب ۽ صحافي خواجه ذوالفقار، اٺين مارچ 1965ع تي ضلعي خيرپور جي شهر احمدپور کان ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف خواجه ڳوٺ ۾ ليمون فقير عرف عليم الدين خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان ڪيائين. جنهن بعد پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ سکر مان ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪري، سکر جي ملٽي نيشنل بسڪيٽ فيڪٽري ۾ نوڪري سان لڳو. 1990ع ۾ ريلوي کاتي جو ملازم بڻيو. سندس پهرين پوسٽنگ ڪراچي ۾ ٿي. ادب ڏانهن لاڙو پرائمري ۾پڙهڻ دوران ادب دوست استادن علي حسن شاهه ۽ غلام نبي ملڪ جي اثر هيٺ ٿيو. هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مضمون نويسي، تقرير ۽ شاعريءَ جي چٽاڀيٽي مقابلن ۾ حصو وٺي، ڪيترائي ڀيرا انعام حاصل ڪيائين. هاءِ اسڪول واري دور ۾ خيرپور ۾ رهڻ سبب شاعر اميد خيرپوري جي صحبت سبب شاعري ۾ قدم رکيائين. سکر جي ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ دوران رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، ايازگل، ادل سومري ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن سان ويجهڙائي ٿي، جن کيس لکڻ لاءِ اتساهيو. ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ دوران اتي سنڌي اديبن سان ويجهو رهيو. کيس انور پيرزادي صحافت جي ميدان ۾ آندو. هن صحافت جي شروعات عوامي آواز ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي. ان وقت ۾ هن ادب سان گڏ سياسي حالتن تي ڪالم لکيا، کيس سرڪاري پاليسين خلاف تنقيدي مضمون لکڻ سبب ڄام صادق جي حڪومت ۾ 1991ع ۾گرفتار ڪري جيل پڻ موڪليو ويو. 1991ع جي آخر ۾ ڪراچي ڇڏي سکر آيو. جتي سنڌي ادبي سنگت سان سرگرم ٿي ڪم ڪيائين.سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو. سکر ۾ روزاني ‘نجات’ ۽ روزاني ‘الک’ ۾ نيوز ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. جڏهن ته خيرپور ريڊيو اسٽيشن تي ڪيترائي سال نيوز ڪاسٽر ۽ ڪمپيئر پڻ رهيو. پاڻ سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي موضوعن تي مختلف اخبارن ۾ مضمون لکندو رهي ٿو. سندس هڪ سفرنامو ‘سکر کان سوات تائين’ ڇپيل آهي، جيڪو هن پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ سکر ۾ پڙهڻ دوران ان اداري پاران ڪرايل سير متعلق لکيو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘جذبن جي شاعري’ (2017)ڇپيل آهي.


لفظ خواجه ذوالفقارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.08  عيسوي

شاعر،اديب ۽ صحافي خواجه ذوالفقار، اٺين مارچ 1965ع تي ضلعي خيرپور جي شهر احمدپور کان ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف خواجه ڳوٺ ۾ ليمون فقير عرف عليم الدين خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول بخش تميمي
ديپچندر تلوڪچند چندر
شهيد سومرو
خانائي حامد علي قريشي
چنا راهي
امير علي چانڊيو
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
عاجز ڪريم پوري
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
شمس الدين شمسي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون